خضدار(يار محمد بروهي) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ جمعيت علماءِ اسلام بلوچستان جا 2 اڳواڻ مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ غلام سرور ۽ مولوي امان الله شامل آهن. تراساڻي ۾ جي يو آءِ اڳواڻن تي سوراب کان واپسي دوران ڪار تي حملو ڪيو ويو، واقعي ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي .