ڪراچي ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن کي پر لڳي ويا،سرڪاري اگهه نظرانداز

ڪراچي(م ڊ) رمضان المبارڪ جي آمد سان ڪراچي ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن، جڏهن ته شهر جي بازارن ۾ دڪاندارن سرڪاري اگهه کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، رمضان المبارڪ  جي پهرين ڏينهن شهر ۾ ڀاڄيون، ميوا ۽ گوشت مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳو، جنهن سبب شهري سخت پريشان رهيا، ڪمشنر ڪراچي جي ٽيمن جي غير فعال ٿيڻ سبب پهرين رمضان کان ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، رمضان المبارڪ ۾ روزو افطار ڪرڻ لاءِ گهرن ۾ مختلف کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي تياري ڪجهه خاص ڀاڄين کان سواءِ ممڪن ناهي، منافعي خورن ان جو فائدو وٺندي افطار لاءِ گهربل ڀاڄين جا اگهه به وڌائي ڇڏيا آهن، ڀاڄين جا سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ باوجود ڳاڙهي آلو 58 رپين بدران 100 رپيا في ڪلو، اڇو آلو 52 رپيا ڪلو بدران 80 رپيا في ڪلو، بصر 58 رپيا في ڪلو بدران 80 رپيا ۽ سائو بصر 115 رپين بدران 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو، ميون جي ڳالهه ڪجي ته سٺي معيار جا ڪيلا 300 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح صوف 400 رپيا في ڪلو، هنداڻو 150 رپيا في ڪلو، نارنگيون 500 رپيا في درجن ۽ زيتون 300 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ تي عوام پريشان نظر آهي، عوام انتظاميا کي اپيل ڪئي ته اگهن ۾ واڌ خلاف عملي قدم کنيا وڃن، هنن چيو ته هر سال ائين ٿيندو آهي ته اگهه وڌي ويندا آهن ۽ انتظاميه ڪجهه به نه ڪندي آهي.

وزيراعظم پاران کنڊ جي ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم کنڊ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي..  وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي کاڌي پيتي جي مناسب اگهن تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ کنڊ جي فراهمي ۽ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو.   اجلاس کي کنڊ جي پيداوار جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ کنڊ جو ڪافي ذخيرو موجود آهي، گهٽ اگهه تي کنڊ وڪڻڻ لاءِ صوبائي سطح تي سستي اگهه جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، کنڊ جي اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا ۽ اسمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي سستي اگهه تي کاڌو پيتو فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. تازن مهينن ۾، حڪومت کنڊ جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي، جنهن سان کنڊ جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي.

رمضان ۾ مهانگائي جو طوفان حڪومتي ناڪامي آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته رمضان رب سان جڙڻ ۽ خود احتسابي جو نالو آهي. هي نزول قرآن ۽ مسلمانن جي تربيت جو مهينو آهي. 20 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج کي ڪرپشن جو ذريعو ٺاهڻ بدران، حڪومت ناجائز منافع خوري کي ختم  قيمتن کي ڪنٽرول ، سڀني کائڻ پيئڻ وارين شين کي عام ماڻهو جي پھچ تائين يقيني بڻائي. هڪ بيان ۾  هن چيو ته رمضان جي اچڻ سان ئي عام واهپي وارين شين جي اگھن ۾  اضافو ۽ مهانگائي جو طوفان حڪومت جي ناڪامي جو نتيجو آهي. ناجائز منافع ۽ ذخيره اندوز مافيا کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي. حڪومت طرفان جاري ڪيل نرخ ناما صرف ڪاغذي ٽڪرا آهن ۽ دعويٰ مڪمل طور تي خالي ثابت ٿي رهيا آهن. اقتدار جي بندر بانٽ، وزيرن جي فوج ظفر موج ۾ ته اضافو ٿي رهيو آهي، پر امن قائم ڪرڻ کان وٺي معيشيت جي بحالي ۽ مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ تائين ڪارڪردگي صفر آهي. جيڪڏهن اٽي، کنڊ ۽ کاڄري تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي اسڪينڊل ۾ ملوث سڀني ڪردارن کي سخت سزا ڏئي سبق سکاريو وڃي ھا ته پوءِ ڪنهن کي به اهڙي جرئت نه ٿيندي.

مهانگائي جي شرح 3 سيڪڙو تي اچي وئي: راڻا ثناءُالله جي دعويٰ

لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ٻيو 12 آڪٽوبر نه مڙهيو وڃي ته پاڪستان ٻن سالن ۾ معاشي بحران مان نڪري ويندو. فيصل آباد ۾ هڪ  تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اقليتي ڪارڊ سميت پروگرامن جو مقصد آساني فراهم ڪرڻ آهي. حڪومت مهانگائي جي رفتار کي ڪنٽرول ۾ رکي رهي آهي، مهانگائي جي رفتار کي وڌيڪ گهٽايو ويندو. شرح 38 سيڪڙو مان 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. رانا ثنا چيو ته شفافيت تي ڪو بحث نه ٿيو پر هاڻي ميڊيا ۾ اشتهارن تي بحث ٿي رهيو آهي. ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ حڪومت جي بجيٽ ۾ باقاعده ميڊيا بجيٽ رکي ويندي آهي.

اسلام آباد ۾ مهانگي اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ 11 دڪاندار گرفتار

اسلام آباد( بيورو+م ڊ)اسلام آباد ۾ ضلعي انتظاميا مهانگي اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ 11 دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايڇ نائن بازار  مان 7، تيراماري مان 4 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،جڏهن ته پارڪنگ ۾ بدانتظامي تي پارڪنگ ڪمپني جي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ سرڪاري پرائس لسٽ کان وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ گهرجن، روزي جي مهيني ۾ شهرين کي ڦرڻ وارن کي ڪا به معافي نه ڏني ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ سرڪاري پرائس لسٽ کان وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ گهرجن، رمضان جي مهيني ۾ شهرين کي ڦرڻ وارن کي ڪا به معافي نه ڏني ويندي.

مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي تي ايراني ناڻي وارو وزير برطرف

تهران ( م ڊ )مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي تي ايراني پارليامينٽ ناڻي واري وزير کي برطرف ڪري ڇڏيو، ايران ۾ مهانگائي ۽ ايراني ريال جي قدر ۾ گهٽتائي تي ناڻي واري وزير خلاف مواخذي جي ڪارروائي ۾ پارليامينٽ کيس هٽائڻ لاءِ حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو، ايراني ميڊيا موجب ايراني پارليامينٽ جي 273 ميمبرن مان 182 ميمبرن ناڻي واري وزير عبدالناصر خلاف ووٽ ڏنو، ايران جو ناڻي وارو وزير ۽ اقتصاديات جو وزير عبدالناصر همتي 8 مهينا اڳ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي ٺاهيل ڪابينا ۾ شامل ٿيو، پرڏيهي خابرو اداري موجب بليڪ مارڪيٽ ۾ اڄ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 9 لک 20 هزار ايراني ريال آهي جڏهن ته 2024ع جي وچ ڌاري اها قيمت 6 لک ايراني ريال کان به گهٽ هئي.

مريم نواز جو مهانگائي تي ضابطي لاءِ ڪريڪ ڊائون جو حڪم

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي. صدارت هيٺ اجلاس ۾ هن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڪيون هو وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا هئا. کين هدايت ڪئي وئي ته منافعي خورن خلاف مهم هلائين. روز رپورٽ ڏني وڃي ۽ فوڊ اٿاٽي ڪريڪ ڊائون ڪري. اٽي ۽ ماني جي اگهن تي نظر رکي وڃي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته رمضان ۾ ميون ۽ ڀاڃين جي اگهن تي نظر رکي ويندي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.