اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاران نئين بجيٽ جي منظوري جي صورت ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ملڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج تحت هڪ ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي ادائيگي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو وٺڻ وارو مشن اڄ اسلام آباد پهچندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان معاشي جائزي جون ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون. جنهن کي ٻن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. آءِ ايم ايف جو 9 رڪني وفد ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ اٽڪل ٻن هفتن تائين پاڪستان ۾ رهندو. اهو به تجويزون پيش ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي منظوري ملڻ تي پگهاردار طبقي کي رليف ملڻ جو امڪان آهي.