ماحول دوست وڻ پوکڻ جي موسم ۽ ضرورت

تحرير: پروان علي واٽيو

مارچ ۽ اپريل وڻ پوکڻ لاءِ بهترين آهن انهيءَ موسم ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي انساني بقاءَ جي هلندڙ  تحريڪ ۾ پنهنجو  حصو شامل ڪرڻو آهي. ڪيترن ئي سڌريل ملڪن ۾ هاڻي اهو رواج آهي ته هر ڄمندڙ ٻار لاءِ هڪ وڻ پوکجي ٿو. هڪ انسان دوست هئڻ جي ناتي توهان ۽ اسان سڀني کي هڪ فرد هڪ ٻوٽو مهم ذريعي وڻ ٻوٽا پوکڻ گهرجن، وڌندڙ انساني آبادي ۽ هائوسنگ اسڪيمن سبب زرعي زمين گهٽجي رهي آهي پر دنيا اندر انيڪ طريقا استعمال  هيٺ آهن جتي ٿورڙي  به جڳهه تي وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن . بورچي خاني ڀرسان گهر جي ڇت به ان لاءِ استعمال ٿئي ٿي، جتي ننڍا ٻوٽا ڪونڊين ذريعي پوکي يا اپائي سگهجن ٿا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان قسم جون تحريڪون  هلن پيون ته عام وڻن سان گڏ وڏين شاهراهن تي ميون جا وڻ لڳائجن.

اسان جي سنڌ ۾ اڪثر نم، ٽاري ۽ بڙ جهڙا وڻ گھرن ، اوطاقن  توڙي ٻين هنڌن تي  پوکي ڇانوَ لاءِ استعمال ٿين ٿا پر توهان جي تجربي ما هڪ عجيب لمحو به گذريو هوندو.جتي به مانجهاندڙي پوکيل هوندي آهي اتان کان گذرڻ وقت توهان کي تڌڙي هير جو احساس ٿيو هوندو. مانجهاندڙي آسانيءَ سان پوکي ۽سنڀالي سگھجي ٿي. جيڪڏهن  گھر ۽ اوطاق  جي پاسي ۾ چوڌاري هڪ ئي قطار ۾ مانجھاندڙي لڳائجي ته توهان کي سڄو ڏينهن ٿڌڙي هوا مفت ۾ ملي  سگھي ٿي. وڻن جي پوکي جتي ماحول کي بهتر بڻائي سگھي ٿي، اتي صحت جي پڻ ضمانت ملندي.

زمين جي ڪجھه ايڪڙن  تي ٻٻر، نم ٽاري يا ڄمون جهڙا ديسي وڻ پوکڻ سان هڪ ننڍڙو  ٻيلو يا هڙهي پنجن سالن اندر تيار  ٿئي ٿي جنهن لاءِ شروعاتي  محنت کان پوءِ آخري سال مالڪ فصل پوکڻ جهڙي  لڳاتار پورهئي کان بچي پوي ٿو. وڻ پنجن فوٽن کان وڏا ٿين ٿا ته پوءِ جانورن جي ڀيل جو خطرو به گهٽجي وڃي ٿو. هڙيءَ جي تيار ٿيڻ تي انهي جو قيمتي ڪاٺ وڪرو ڪري جهجهو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

هڙيءَ جي في ايڪڙ آمدني اوتري ئي آهي جيتر پنجن سالن دوران ڪنهن فصل ما ملي ٿي پر فرق هي آهي ته هڙهيءَ مان پنجن سالن جي آمدني هڪ هنڌ ملي ٿي جڏهن ته خراب ٻني ڀلي ۽زرخيز ٿي پوي ٿي جنهن کي اڳتي ڪئين سالن تائين هٿراڌو ڀاڻ جي ايتري ضرورت ڪانه ٿي پوي .وڏي ڳالهه ته اڳ ماڻهو ٻٻرن جي هڙهي پوکڻ سان گڏ ٻڪرين جو ڌجڻ پالي اهو ٻٻرن جي پلڙن ،پاپڙن  توڙي ٽارين جي ٻورتي پالين ٿ ۽ هڙهيءَ جي مالڪ کي ٻيڻو نه پر ٽيڻو چئوڻو فائدو ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.