” ڀائر مون سان ساڙ ڪندا هئا“ سوناڪشي سنها جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره سوناڪشي سنها انڪشاف ڪيو آهي ته سندس جاڙن ڀائرن لَو سنها ۽ خوش سنها ننڍڻ کان ئي ساڻس ساڙ ڪندا هئا.
هڪ انٽرويوءَ دوران سوناڪشي ٻڌايو ته هوءَ گهر ۾ سڀ کان ننڍي ۽ سڀني جي لاڏلي هئي، تنهنڪري سندس ڀائرن اِهي ڳالهه نه وڻندي هئي ۽ هو ساڻس وڙهندا هئا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ننڍپڻ ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ جهيڙا عام ڳالهه هوندي آهي، اهڙي طرح اسان ڀيڻ ڀائر به پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئاسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.