اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 20 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج 2025 جو آغاز ڪري ڇڏيو.
رمضان رليف پيڪيج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن پيڪيج مان 40 لک خاندانن ۽ 2 ڪروڙ ماڻهن کي فائدو پهچندو.
سندس چوڻ هوته 40 لک مستحق خاندانن کي ڊجيٽل والٽ ذريعي 5 هزار رپيا ڏنا ويندا.
رمضان رليف پيڪيج جي امدادي رقم ڪيئن ملندي؟
رمضان رليف پيڪيج لاءِ شارٽ ڪوڊ 9999 استعمال ڪيو ويندو.
ان ڏس ۾ آءِ ٽي وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان ڪوڊ ذريعي موڪليل پيغامن جي تصديق کي يقيني بڻائي.
ان کان کانسواءِ آءِ ٽي وزارت کي موبائل نمبرن سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ جي ميچنگ جو ٽاسڪ پڻ ڏنو ويو آهي.
رمضان رليف پيڪيج جي بهتر عملداري لاءِ اين ٽي سي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو.
هن پيڪيج تحت 40 لک خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته في خاندان 5 هزار رپيا روڪ امداد ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
You might also like