ملڪي سياستدان آخر نفرت ۽ ويڙهه جي سياست کي ايڏي هٿي ڇو ٿا ڏين؟

اسان کي اهو بلڪل به سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ملڪي سياستدان معمولي ڳالهين ۽ اختلافن تي نفرت ۽ ويڙهه جي ماحول کي ايڏي هٿي ڇو ڏيندا آهن. سندن اها نفرت انگيز سياست ۽ بيان بازي سندن تائين محدود هجي ته تڏهن به شايد برداشت ٿي وڃي پر  سندن نفرت ۽ ويڙهه کي هٿي ڏيندڙ ان بيان بازي جو سڌو سنئون اثر سندن سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين تي به پوندو آهي  ۽ پوءِ ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويندو آهي. مثال پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ جيڪا اڄ ڪلهه هڪ ٻئي جي خلاف سخت بيان بازي هلي رهي آهي سا لساني ۽ نسلي ڇڪتاڻ به اختيار ڪري  سگهي ٿي. ان لاءِ خاص ڪري حڪومتن کي ان ڏس ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي جو جيڪڏهن سياسي ڇڪتاڻ سان حالتون قابو مان نڪري ويون ۽ وڳوڙي ٿي وينديون ته آخري ذميواري حڪومت تي ايندي تنهن ڪري حڪمرانن کي احتياط ڪرڻ گهرجي

اسان وٽ اپوزيشن جو ڪردار ته هونئن به مخالفت براءِ محالفت هوندي آهي سو هتي اپوزيشن جو اهو ئي ڪم سمجهيو ويندو آهي ته ان کي صرف ۽ صرف حڪومت تي تنقيد ڪرڻي آهي سو اپوزيشن ته جائز ناجائز تنقيد ڪندي رهندي پر سوال اهو آهي ته حڪومت غير ضروري طور ۽ ننڍين ڳالهين تي ڇو ٿي پريشان ٿئي ۽ ان پريشاني وگهي ڇو ٿي نفرت جوڳو ماحول ٺاهي جنهن سان ان کي ۽ ان کان وڌيڪ عوام۽ ملڪي  ماحول تي خراب اثر پئي ٿو. حڪومتن يا حڪمرانن جي غير ضروري پريشانين جو هڪ مثال بلاول ڀٽو زرداري جي انهن بيان بازين جو آهي جن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي سخت رد عمل ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏنو. بلاول ڀٽو زرداريءَ  پريشانين وارا بيان تڏهن ئي ڏيڻ شروع ڪيا جڏهن وفاقي وزير احسن اقبال جي ڪراچي ۾ اچڻ تي هڪ واپاري شخصيت جيڪو ممڪن آهي ته مسلم ليگ (ن) جو حامي هجي تنهن احسن اقبال کي مخالب ٿيندي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير  اوهان پنجاب وارا وٺو، اسان کي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڏيو جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري جذباتي ٿي ويو ۽ ان واپاري جي خلاف بيان بازي ڪرڻ لڳو ته اوهان تڏهن خوش هيو جڏهن ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ اوهان کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون ان ڳالهه تي ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي چڙ لڳڻي هئي جيڪا هن ڪڍڻ شروع ڪئي ته پوءِ ته پوءِ سخت ترين جوابن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي جيڪا هاڻي ختم ٿيڻ جون نانءُ  ئي نه وٺي ۽ سياسي ماحول خراب کان خراب  ٿي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جيئن ته پ پ جو سربراهه به آهي ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت به آهي ته ان کي بردباري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها ۽ غير ضروري بيان بازي کان پاسو ڪري ها ته ايم ڪيو ايم کي ڊمپر ۽ هيوي گاڏين جي روڊ حادثن تي سياست ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها پر هاڻي کين اهڙو موقعو خود سنڌ حڪومت ۽ پ پ جي سربراهه ڏنو آهي. ٻئي پاسي شرجيل انعام ميمڻ به غير ضروري طور تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي بيانن جا جواب ڏئي ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ايم  ڪيو ايم ۽ پ پ ساڳي وقت وفاقي حڪومت جون اتحادي جماعتون به آهن. سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو آهي تنهن ڪري کين هڪٻئي جو اتحادي حڪومت هئڻ ناتي احترام ڪرڻ گهرجي ۽ غير ضروري  طور تي ڦٽائڻ نه گهرجي. ٻيو ته پ پ کي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ڪراچي جو انتظامي نظام سنڀالڻ جو موقعو آهي ته ان کي پنهنجي ڪارڪردگي سان ڪراچي جي عوام ۽ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻ گهرجي، بيان بازين بجاءِ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري پرامن سياسي ماحول لاءِ پتوڙين ته بهتر آهي.

ڪراچي جو امن ۽ سياسي استحڪام خود پ پ جي سنڌ حڪومت جي مفاد ۾ آهي. ايم ڪيو ايم جو رستن تي اچڻ سنڌ حڪومت، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفاد ۾ ناهي سو سنڌ حڪومت کي خاموشي سان ڪم ڪرڻ گهرجي اهو نه چوڻ گهرجي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عوام سان گڏ آهي پر ايم ڪيو ايم نظر نه ٿي اچي اهڙا مهڻا ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. حڪومت پ پ جي آهي ته ان کي ئي  ڪراچي ۽ عوام جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم ڇو حڪومتي ڪم ڪندي يا ان کي حڪومتي ڪمن جو چوڻ ڇا ضروري آهي؟ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ئي حڪومت جا ڪم ڪرڻا آهن ته  پوءِ پ پ جي سنڌ حڪومت ڇا ڪندي؟ سو ان فضول قسم جي سياست کي ڇڏي ڪري پ پ جي سنڌ حڪومت کي گڊگورننس ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي اهڙو مثالي بڻائڻ گهرجي جو مخالف به ان جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿين.

جتي اسان پ پ جي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري رهيا آهيو ن اتي پاڻ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت   تي به تنقيد ڪنداسين ته اها هاڻي جڏهن پاڻ حڪومت ۾ آهي ته ان کي پي ٽي آءِ جي ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ان کان خوف کائڻ گهرجي جو ان کي ڪنهن هوٽل ۾ ڪانفرنس به ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي. اهو غير جمهوري عمل آهي جنهن سان نه رڳو ملڪي جمهوريت بدنام ٿيندي پر پي ٽي آءِ کي مخالف ڌر جي حيثيت ۾ سگهاري سياست ڪرڻ ۽ حڪومت خلاف واويلا ڪرڻ جو به وڏو موقعو ملي ويندو.

سو هوشمندي جي تقاضا اها آهي ته حڪومت ٿڌي مزاج سان مخالف ڌر کي ڏسي ۽ انهن کي پنهنجي سياست ڪرڻ ڏي. حڪومت مخالف ڌر کي نشانو بڻائڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏي ۽ ڪارڪردگي سان مخالف ڌر کي جواب ڏي ته اهو سڀني لاءِ بهتر رهندو سياسي استحڪام قائم رکڻ حڪومت کي پنهنجو، اولين مقصد سمجهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.