ڪراچي ،جنهن کي سنڌ جي دل سڏيو ويندو آهي، ان شھر کي ابتدا کان وٺي سياسي تجربن جي ليبارٽري بڻايو ويو آھي ، پاڪستان ٺھڻ کان وٺي، هي شھر مسلسل سازشن جو شڪار رهيو آهي. وس وارا ادارا ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ نئين نئين حربن وسيلي هر دور ۾ ميدان تي نئين سياست کي آزمايو ويو آھي ،اڄ جي بظاهر خاموش منظرنامي پٺيان مستقبل جي اهڙي سازش لڪل آهي، جيڪا نه فقط ڪراچيءَ جي اصلي ڌرتي ڌڻين لاءِ عذاب بڻجندي، پر ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جي نئين رٿا جو حصو آهي.مان اھو نه چوندس ته موجودہ معاشي يا سياسي ڍانچو بگڙيل آھي ،يا صفا تباھ ٿي چڪو آھي
ڪجهه شيون بھتر نظر اچي رھيون آھن .پر ان بھتري پويان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آھي .ان ۾ آفاق جو واري نئين سر ڪراچيءَ ۾ ڌاڪو ڄمائڻ ،۽ لساني گروھن کي وڏن وزارتن ،عھدن تي آڻڻ وغيره گهڻو ڪجهه ڪراچيءَ کي يرغمال بڻائڻ لاءِ لساني، سماجي، ۽ سياسي ويڇن جو استعمال وس وارن ادارن جي پراڻي حڪمت عملي رهي آهي.
1980ع – 1990ع ۾ وس وارن ادارن لساني بنيادن تي ھڪ گروپ کي پروان چاڙهيو. معمولي جھيڙا ڪرائي ان کي جواز بڻائي پھرين سنڌين، پٺاڻن، کي ويڙھايو ويو ۽ پوءِ ان کي وڌيڪَ ھٿ وٺرائي۽ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ھڪ ٻئي جي رت جو پياسو بڻايو ويو، ان ۾ ڪراچيءَ کي سنڌين لاءِ قبرستان ۾ تبديل ڪيو ويو.ڪورنگي، ملير، لانڍي، ۽ لياري جي سنڌي آباديءَ کي منظم سازش تحت نشانو بڻايو ويو.
ڪراچي آپريشن 2013ع کانپوءِ ايئن محسوس ڪرايو ويو ڄڻ ته شھر مان لساني سياست ختم ٿي وئي، پر ان خاموشي پويان ھڪ نئون طوفان لڪل هو.اڄ جي ڪراچي بظاهر پرامن لڳي ٿي، پر هي امن طوفان کان اڳ واري ماٺ آهي.آفاق احمد کي وري ميدان تي آڻي، شھر ۾ نئين سر لساني ڪارڊ کي ٻيهر ڀڙڪائڻ جي تياري ٿي رهي آهي.ڪراچيءَ جي ڀتين تي لساني نعرا ۽ چاڪنگ ذريعي ماڻهن ۾ نفرت جا ٻج پوکيا پيا وڃن.اوچتو ڪراچيءَ ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪر حادثن جو واڌارو ڪنهن فطري عمل جو نتيجو ناهي، پر هڪ منظم سازش تحت شروع ڪيل رٿا آهي.حادثن کي لساني رنگ ڏئي، ماڻهن کي مخصوص گروهن خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي.ڪراچي هميشه وس وارن ادارن جي هٿن ۾ شطرنج جي مھري وانگر رهي آهي.وس وارا ادارا ڪڏهن ايم ڪيو ايم ته ڪڏهن تحريڪ لبيڪ کي طاقتور بڻائي پنهنجون رٿائون پوريون ڪيون.اڄ وري ساڳي راند نون مھرن سان شروع ڪئي وئي آهي.جيڪڏهن حالتون اهڙي ريت وڌنديون ته مستقبل ۾ ڪراچيءَ ۾ لساني فساد ٻيهر ڀڙڪندا.ايم ڪيو ايم کي نئين نالي ۽ نئين جھنڊي سان بحال ڪيو ويندو.ڪراچيءَ جون سنڌي وسنديون ٻيهر خالي ڪرايون وينديون.وس وارا ادارا خاموش تماشائي بڻيل رهندا.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ ۾ اوچتو ڊمپر ۽ ٽينڪر حادثا وڌي ويا. وس وارا ادارا ڇو خاموش آهن؟ آفاق احمد کي ٻيهر ميدان تي آڻڻ جو مقصد ڇا آهي ڇا ڪراچيءَ ۾ وري نئين قومي رتوڇاڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟ ڪراچي ھن وقت سڙندڙ جبل جي ھيٺان دٻيل باھه آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ڦاٽي پوي سگهي ٿي ڊمپر ۽ ٽينڪر موت جا راڪاس بڻايا ويا آھن، جيڪي انساني رت سان نئين رٿا کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ميدان تي لٿا آهن. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته ڪراچيءَ جون موجوده حالتون تيزيءَ سان 80ع واري ڏھاڪي واري لساني جنون طرف وڌي رهيون آهن.۽ ڪھڙي به وقت اھي اوچتو آتش فشان جيان ڦاٽ کائينديون هي رڳو حادثا نه آهن، پر سنڌي قوم جي قومي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي سازش جو حصو پڻ آهن.