ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻهراڙي جي عورتن لاءِ خاص بسون هلائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻهراڙي جي عورتن لاءِ خاص بسون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻهراڙيءَ جي عورتن جي اچ وڃ لاءِ گڏيل منصوبو طلب ڪيو آهي، جنهن تحت ڏورانهين ضلعن ۾ 25 بسن تي ٻڌل ماس ٽرانزٽ سسٽم مرحليوار شروع ڪرڻ جي تجويز جو جائزو ورتو ويو.
مريم نواز جي هدايت تي پنجاب ۾ عورتن لاءِ خاص ٽرانسپورٽ منصوبو تيار ڪيو ويندو، جنهن تحت هر ٻهراڙي واري تعلقي کان ضلعي هيڊڪوارٽر تائين بس سروس هلائي ويندي.
هن ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ عورت مسافرن لاءِ سبسڊي ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
مريم نواز چيو ته جديد ٽرانسپورٽ جو نظام ٻهراڙي جي عورتن جو به حق آهي، ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب خاص طور شاگردياڻين ۽ مريض عورتن کي ڏکيائي پيش ايندي آهي، ان سان سندن اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.