ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور بالي ووڊ پلي بيڪ سنگر شريا گھوشال جو ايڪس اڪائونٽ تي هيڪ ٿي ويو.
گلوڪارا شريا گھوشال پنهنجو اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ سبب پريشان آهي، هن انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي مداحن کي اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو.
هن پنهنجي دوستن ۽ مداحن کي مخاطب ٿيندي لکيو ته” 13 فيبروري کان منهنجو ايڪس اڪائونٽ هيڪ ٿيل آهي“
هن چيو ته ” مون ايڪس انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو.
سندس چوڻ هو ته لاگ ان نه ٿيڻ سبب هوءَ پنهنجو اڪائونٽ ڊيليٽ به نٿي ڪري سگهي.
شريا گھوشال سڀني کي درخواست ڪئي ته اڪائونٽ تان شيئر ٿيندڙ ڪنهن به پيغام تي يقين نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به لنڪ کي کولڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇو ته اهو فراڊ ٿي سگهي ٿو.
You might also like