وڏي وزير کي قومي جونيئر چيمپيئن مهڪ مقبول هٿان شطرنج مقابلي ۾ شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي جونيئر شطرنج چيمپيئن مهڪ مقبول وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شطرنج جي مقابلي ۾ هارائي ڇڏيو.
وڏي وزير انڊر-18 قومي جونيئر شطرنج چيمپيئن مهڪ مقبول کي مقابلي جي دعوت ڏني هئي.
مهڪ مقبول گلوڪار شهزاد راءِ جي زندگي ٽرسٽ جي ايس ايم بي فاطمه جناح اسڪول جي شاگردياڻي آهي ۽ انڊر-18 ٽائيٽل کٽي قومي جونيئر چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز ماڻي چڪي آهي.
شهزاد راءِ جو چوڻ هو ته وڏي وزير طرفان مهڪ کي مقابلي جي دعوت ڏيڻ هڪ سٺو قدم آهي، مراد علي شاهه شطرنج جو سٺو رانديگر آهي پر مهڪ کيس چيڪ ميٽ ڪري ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته مقابلي دوران مهڪ تمام گهڻي پراعتماد هئي، مقابلو ٿوري ئي دير هليو،
سندس چوڻ هو ته ٻارن کي اسڪرين کان پري رکڻ لاءِ شطرنج جهڙن راندين ڏانهن آڻڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.