ڪراچي: شهري تي تشدد ڪندڙ 5 جوابدارن جو رمانڊ منظور، شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن تي شهري کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ 5 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.
پوليس موجب، جوابدار شاهه زين مري جا گارڊ آهن، جن 19 فيبروري جي رات هڪ شهري جي گاڏي کي پهريان ٽڪر هنيو ۽ پوءِ گاڏي مان لهي کيس هٿيارن جي زور تي تشدد جو نشانو بڻايو.
جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ 2 ڏينهن لاءِ جوابدارن کي جسماني رمانڊ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
هي واقعو سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ گذريل ڏينهن مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
مک جوابدار شاهه زين مري بلوچستان فرار ٿي ويو، سندس گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو، پر اڃا تائين سندس گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.