آمريڪي صدر جو يوڪريني هم منصب سان اڍنگو ورتاءُ، وڊيو وائرل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو، جتي کيس سخت رويو برداشت ڪرڻو پيو.
ملاقات دوران ٽرمپ زيلنسڪي کي چيو ته آمريڪا يوڪرين تي 350 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن، تنهن ڪري توهان کي اِهو ٻڌائڻ جو حق ناهي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ان موقعي تي آمريڪي صحافين به زيلنسڪي کان سخت سوال پڇيا.
هڪ صحافي سوال ڪيو ته هن مناسب سوٽ ڇو نه پهريو؟
جنهن تي زيلنسڪي وراڻيو ته هو سوٽ تڏهن پهريندو جڏهن روس-يوڪرين جنگ ختم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.