ويٽيڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) مسيحي برادري جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي طبيعت وڌيڪ ناساز ٿيڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
ويٽيڪن اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، کنگهه ۽ الٽيءَ جي شڪايت آهي.
88 ورهين جي پوپ فرانسس کي ڊبل نمونيا جي نشاندهي ٿي هئي ۽ سندس 14 فيبروري کان اٽلي جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
بيان موجب، پوپ فرانسس پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ آهي، جڏهن ته کيس اضافي آڪسيجن فراهم ڪئي پئي وڃي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن کان وڌيڪ علاج جي باوجود پوپ جي صحت ۾ بهتري نه اچي سگهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
You might also like