ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس: ايس ايڇ او خلاف وڏو فيصلو

ميرپور خاص (ويب ڊيسڪ) ميرپور خاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي، ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ميرپور خاص جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڊاڪٽر شاهنواز تي پوليس مقابلي ۽ هٿيارن جي برآمدگي بابت داخل ڪيل ايف آءِ آر خارج ڪري ڇڏي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته ايس ايڇ او طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ڪوڙي هئي، جنهن سبب اڳوڻي ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.
ياد رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي گذريل سال 19 سيپٽمبر تي هڪ جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.