پشاور(م ڊ) ملڪ ۾ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو، جڏهن ته پهريون روزو ٻه مارچ آچر جي ڏينهن ٿيندو. رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اوقاف هال چيئرمين مولانا عبدالخيبر آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪراچي ۾ پڻ زونل ڪميٽي کي چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي. پنجاب جي زونل ڪميٽي موجب لاهور ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي نه ملي. زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪوئيٽا به ٻڌايو ته بلوچستان جي ڪنهن به شهر مان چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي. موسميات کاتي موجب، چنڊ ڪالهه صبح 5 وڳي 44 منٽن تي پيدا ٿيو، جڏهن ته چنڊ جي نظر اچڻ لاءِ ان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 کان 18 ڪلاڪ هجڻ گهرجي. سپارڪو موجب، چنڊ 5:44 تي پيدا ٿيو، غروب آفتاب وقت ان جي عمر صرف 12 ڪلاڪ هوندي. ڪٿان به شاهدي نه ملڻ سبب چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي سربراهه مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته چنڊ بابت ڪٿان به شهادت ناهي ملي، ان ڪري پهرين رمضان آچر ٻه مارچ تي ٿيندي.
-
ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ چنڊ نظر نه آيو
نئين دهلي/ڪولمبو(ع آ نيوز) پاڪستان وانگر ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن هندستان، سريلنڪا ۾ به چنڊ بابت ڪا شاهدي نه ملي، ان ڪري اهي ملڪ به اڄ روزو نه رکندا.
-
سعودي عرب سميت وچ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ اڄ پهريون روزو
رياض (ع آ نيوز) سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ 1446 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، مڪي پاڪ، مديني شريف، تبوڪ، سدير ۽ ٻين شهرن ۾ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيا، جن ۾ موسمياتي ۽ فلڪياتي ماهرن شرڪت ڪئي.سعودي ميڊيا ٻڌايو آهي ته سعودي عرب جي علائقن سدير ۽ تمير ۾ چنڊ نظر آيو. چنڊ نظر اچڻ بعد سعودي عرب ۾ اڄ پهرين مارچ تي پهريون روزو رکيو ويندو. انڊونيشيا، عمان، عرب امارتن ۾ چنڊ نظر اچي ويو، اتي اڄ پهريون روزو هوندو.