اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ صنعت ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف سان ملڪ جي نامور صنعتڪارن ۽ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته واپاري برادري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي آهن، واپاري برادري کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، شهباز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي آسان پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان وڏو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم ذريعي شفافيت کي هٿي ڏني وئي آهي، وزيراعظم چيو ته اقتصادي ٽيم جي ڪوششن سان ملڪ جون ميڪرو اڪنامڪ حالتن ۾ بهتري آئي آهي، بهتري لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن معاشي بهتري جا ثمر عوام تائين پهچي سگهن، حڪومت پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.