پيٽرول رڳو 50 پيسا سستو!

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول في ليٽر 50 پيسا گهٽايو ويو جنهن کانپوءِ نئون اگهه 255 رپيا 63 پيسا ٿي ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5.31 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 258.64 رپيا في ليٽر هوندو. گاسليٽ جي اگهه ۾ 3.53 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 168.12 رپيا في ليٽر ٿي ويو. نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 2.47 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو، لائيٽ ڊيزل آئل جو نئون اگهه 153.34 رپيا في ليٽر ٿي ويو. نوان اگهه اڄ کان لاڳو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.