ميرپور ٻرڙو (ن ع آ) ميرپور ٻرڙي ۾ ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران ڇڏائڻ ويل پيرسن سروٽا لڳڻ سبب مارجي ويو. ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پٺاڻ ٻرڙو ۾ نورو ۽ محمد عالم ٻرڙو ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙو ٽارڻ لاءِ ويل ٻنهي جو سئوٽ 55 ورهين جو جمعو خان سروٽا لڳڻ سبب مارجي ويو. پوليس لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.