بلوچستان ۾ فوتين ۽ ٻارن تي به ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن: اختر مينگل

وڍ(ع آ نيوز) بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه اختر مينگل ڪيس داخل ٿيڻ بعد  پنهنجي گرفتاري ڏيڻ لاءِ وڍ ٿاڻي تي پهتو، پر پوليس کيس حراست ۾ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وڍ ٿاڻي ۾ بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ ٻين 1200 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته مون سميت 12 سئو ماڻهن خلاف 9 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، جن ۾ اهڙن ماڻهن جا نالا به شامل آهن جيڪي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جن ۾ ٻار به شامل آهن. اختر مينگل چيو ته بدقسمتي سان ايف آءِ آر ۾ ٻارن ۽ عورتن جا نالا به داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن مان گرفتاري لاءِ پهتس ته نه گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي ايف آءِ آر واپس وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪوڙا ايف آءِ آر داخل ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جون ڪوششون بيڪار آهن ۽ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.