پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته هن ملڪ ۾ احتجاج جو حق ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته هر روز نوان قانون ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن ڪو به احتجاج نه ڪري سگهي، پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين ڪانفرنس کي فاشزم ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هوٽل ۾ ڪانفرنس کي روڪڻ احمقاڻو عمل آهي، جيستائين قانون ۽ آئين جي بالادستي نه هوندي ملڪ ڪنهن به رخ ۾ نٿو وڃي سگهي.