اسلام آباد(م ڊ) ايس يو پي سربراهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاهه اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 6 ڪئنالن جي غيرقانوني طور تي منظوري ڏني وئي آهي، اسان پنهنجي نسلن، پاڻي ۽ وسيلن سان سوديبازي نه ڪنداسين، جڏهن سسٽم ۾ پاڻي ئي ناهي ته پوءِ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال ڇو پيا ٺاهيا وڃن، سنڌ جي زمين ڪٿان آباد ٿيندي، زين شاهه چيو ته ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جا ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيندا، سنڌ جو جر کارو آهي، نوان ڪئنال ٺهيا ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملندو، ڪراچي کي ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي ملندو آهي، ڪئنال ٺهيا ته ڪراچي واسين کي پاڻي ڪٿان ملندو، ڇا ڪراچي جا شهري سال ۾ رڳو 2 مهينا پاڻي پيئندا؟ جاهلاڻا فيصلا ختم ڪري رياست کي انصاف سان هلايو وڃي، زين شاهه چيو ته دنيا ۾ جنهن وٽ به ڊيلٽا آهي، اهي خوشحال آهن، اسان وٽ هلي ڏسو بدحالي جون منزل نظر ايندو، سنڌ کي 25 سالن کان 30 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جڏهن 80 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملندو ته اسان جو نسل ڪيڏانهن ڏسندو ان جي مون کي خبر ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد ڏانهن نه ڏسندو.