ملڪ جي سياسي، پارلياماني ۽ پيپلز پارٽي جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته انهيءَ بحث ۾ آصف علي زرداري جو ذڪر نه ڪرڻ ۽ سندس ڪردار ياد نه ڪرڻ ڄڻ ته تاريخ سان زيادتي ٿيندي.آصف علي زرداري تي ذاتي يا شخصي بنيادن تي تنقيد ڪندڙن کي ياد رکڻ کپي ته آصف علي زرداري ملڪ جي سياست جو اهو ڪردار آھي جنهن جي ذاتي زندگي يا سياسي زندگي ماڻھن، عوام ۽ سياست کان پري ناهي رهي.پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آھن جن کي آصف علي زرداري ثابت ڪري ڏيکاريو ته تاريخ ۾ هيئن به ٿيندو آھي.ملڪ جي اهم سياسي ڪردارن کان ويندي ملڪي دانشورن ان ڳالهه کي آخرڪار مڃي ورتو ته آصف علي زرداري ملڪ جي سياست جو اڻ مٽ ڪردارآھي.آصف علي زرداري بابت ملڪ جي جهوني سياستدان جاويد هاشمي کان ويندي مشاهد حسين سيد جهڙن ڏاهن جا بيان تاريخ جو رڪارڊ آھن.ميان محمد نواز شريف ۽ ميان شھباز شريف کان ويندي مولانا فضل الرحمان ۽ چوڌري شجاعت حسين به آصف علي زرداري جي مفاهمتي فارمولي جو حصو ۽ حامي به رهيا آھن.بلوچستان جا سردار هجن يا محمود خان اچڪزئي کان ويندي سنڌ جو سردار ۽ وڏير هجي يا پير ۽ گادي نشين هجن سي پڻ سندس مفاهمت ۽ ڏاهپ واري ڇٽيءَ هيٺان رهيا آھن.
پاڪستان جي سياسي ۽ پارلياماني نظام جو استحڪام هميشه کان ئي هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي. ملڪ پنهنجي قيام کان وٺي جمهوري ۽ آمراڻي دورن جو تجربو ڪري چڪو آهي،۽ هر دور ۾ سياسي استحڪام لاءِ مختلف اڳواڻن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.انهن اڳواڻن ۾ آصف علي زرداري جو نالو نمايان آهي، جنهن پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي اهم اثر ڇڏيا آهن،خاص طور تي 2008ع کان پوءِ جي دور کان هن وقت تائين.ملڪي سياسي ۽ پارلياماني نظام جو استحڪام، پاڪستان جي سياست تاريخي طور تي عدم استحڪام، مارشل لا، جمهوري حڪومتن جي برطرفي ۽ سياسي محاذ آرائين سان ڀريل رهي آهي. سياسي استحڪام جو بنيادي دارو مدار پارلياماني نظام جي مضبوط بنيادن، جمهوري قدرن جي پاسداري،۽ سياسي قوتن جي وچ ۾ سهڪار تي آهي.
2008ع کان پوءِ، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي، تڏهن ملڪ کي شديد سياسي، معاشي ۽ امن امان جي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.ان وقت پارلياماني نظام جي استحڪام لاءِ ڪجهه اهم قدم کنيا ويا، جن ۾ آئيني سڌارا، جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سياسي قوتن کي گڏ وٺي هلڻ شامل هو.
آصف علي زرداري 2008ع ۾ پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ کان پوءِ هڪ اهم سياسي اڳواڻ طور سامهون آيو.هن جو سياسي سفر ڪافي چئلينجن سان ڀريل رهيو،پر سندس ڪجهه اهم فيصلا ۽ حڪمت عمليون ملڪ جي پارلياماني نظام جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 18هين آئيني ترميم آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ 2010ع ۾ پارليامينٽ 18هين آئيني ترميم منظور ڪئي، جيڪا پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ هو. هيءَ ترميم صدارتي اختيارن کي محدود ڪندي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.ان کان علاوه هن ترميم تحت صوبائي خودمختياري وڌائي وئي،جيڪا وفاقي يونٽن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.
آصف علي زرداري جي حڪمت عملي "مفاهمت جي سياست” تي ٻڌل هئي ۽ آھي. هن سياسي مخالفن سان لڳاتار رابطا برقرار رکيا ۽ جمهوري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مختلف پارٽين کي گڏ کڻي هلايو.2008ع کان 2013ع تائين،پيپلز پارٽي اتحادي حڪومت جوڙي، جيڪا پنجن سالن تائين قائم رهي،۽ اهو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو ته هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪيو.
پارلياماني نظام جي مضبوطي آصف علي زرداري سياسي حڪمت عملي جي لحاظ کان هڪ زبردست رانديگر رهيو.هن صدر ٿيڻ کان پوءِ، اختيارات وزيراعظم ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو پارلياماني نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم هو. ان کان سواءِ، پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ مختلف قانوني سڌارا ڪيا ويا. هن جي دور ۾ پاڪستان کي دهشتگردي، توانائي بحران، ۽ معاشي ڏکيائون درپيس هيون.جيتوڻيڪ چئلينجز تمام وڏا هئا، پر سياسي طور تي استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ هن ڪوششون ڪيون.ان دوران نئين دهشتگردي مخالف پاليسين تي ڪم ڪيو ويو ۽ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ به تبديليون آيون.آصف علي زرداري جو سياسي ڪردار پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ اهم رهيو آهي.18هين ترميم، سياسي قوتن سان مفاهمت، ۽ پارلياماني نظام جي مضبوط ڪرڻ جي پاليسين سبب،هن سياسي استحڪام ۾ پنهنجو حصو وڌو. جنهن کي تاريخ ۾ وساري نٿو سگهجي.