پروگريسو الائنس فارپيس ڪشمور پاران ضلعي ۾ بدامني خلاف قائم ڪيل ٽي روزه احتجاجي ڪئمپ ڪالهه پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. احتجاج ڪندڙ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ، جن تي مختلف نعرا جهڙوڪ امن اسان جو بنيادي حق آهي، مغوي راجيش ڪمار ۽ رافيع ملڪ کي بازياب ڪريو، بحال ڪيو بحال ڪيو امن و امان بحال ڪيو وغيره درج ٿيل هئا، کڻي ڪراچي پريس ڪلب جي مک گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجا مطالبا دهرايا ۽ آئنده جو لائحه عمل ٻڌايو.
هونئن ته سڄي سنڌ ۾ امن و امان جي جيڪا صورتحال آهي، اها نهايت ئي ڳنڀير ۽ خطرناڪ آهي. پر ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جي جيڪا باهه ٻريل آهي، ان کي جيڪڏهن ايشيا جو خطرناڪ علائقو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اتان جي امن و امان واري صورتحال ڏسي اهو گمان ٿئي ٿو، ته جهڙوڪ ڪشمور ضلعي ۾ رياست پنهنجو ڪنٽرول مڪمل طور تي وڃائي چڪي آهي ۽ ادارا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ۽ ڏوهارين جي اڳيان ڪمزور پئجي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته ڏوهارين جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان شهرين کان آزاد زندگي جيئڻ جو حق به کسجي ويو آهي.جيڪي ميلا ملاکڙا گهمڻ، تفريحي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ راندين ۾ حصو وٺڻ کان ان لاءِ خوف کائڻ لڳا آهن ته ڪٿي ڌاڙيلن هٿان کنڀجي نه وڃون، ان خوف سبب انهن پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.ان لاءِ راندين جا ميدان ويران ۽ تفريحي پروگرام وغيره ناڪام ٿيندي نظر اچڻ لڳا آهن.
ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف ڪجهه مهينا اڳ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران امن جي بحالي لاءِ مسلسل ڪيئي ڏهاڙا مشعل بردار ريليون ڪڍيون ويون، احتجاجي مظاهرا ۽ شٽربند هڙتال پڻ ڪئي وئي، پر شهرين جو پائيدار امن وارو خواب، بس خواب ئي رهيو. ۽ ڌاڙيلن جي وارداتن ۾ ڪا ٺاپر اچڻ جي بدران ويتر ان ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي جو اڳ ۾ ڏوهاري واپاري طبقي ڏانهن ڀتي جي پرچين سان گڏ بندوق جي گوليءَ موڪليندا هئا، پر بعد ۾ ڏٺو ويو ته اهي راڪيٽ لانچر جا گولا موڪلڻ لڳا. ڌاڙيلن جو اهو عمل هن نظام ۽ رياست کي کليو چئلنج ڪرڻ جي برابر آهي، پر الائي ڇو هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪو سخت قدم کڻڻ جي بدران هميشه ڍر ۽ دورانديشي واري پاليسي اختيار ڪيون پيا اچن، جنهن سبب نه رڳو ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي پر ڌاڙيلن جي تعداد ۾ پڻ اضافو نوٽ ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ علائقي جي امن و امان واري صورتحال بهتر ٿيڻ جي بدران بگڙجندي پئي وڃي ۽ ڪاروبار تباهه ٿيندا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته امن سان ئي انساني زندگي جون هڙئي ضرورتون، سهولتون توڙي ڪاروبار سلهاڙيل آهي. جنهن جي قيام لاءِ سياسي ۽ قومي شعور رکندڙ نوجوانن جو جٿو، امداد کوسو، ظريت بجاراڻي، سعيد کوسو ۽ ڪامريد زينب کوسو جي اڳواڻي ۾ گذريل اڱاري واري ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مسلسل ٽي ڏهاڙا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا.جنهن جي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن يعني احتجاج جي آخري ۽ ٽئين ڏينهن تي ڪجهه مهينا اڳ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيل معصوم ٻالڪ رفيع ملڪ جي ڌاڙيلن وٽان بازيابي ممڪن بڻي.
ڪشمور ضلعي جي بگڙيل امن و امان واري صورتحال بابت ڪجهه نوان ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، ته ڪشمور ضلعي ۾ قيام امن ڇو ناممڪن بڻيل آهي؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ضلعي ۾ ڪڏهن به ڪو اميدوار پارٽي ووٽ تي چونڊجي ناهي آيو. سڀئي چونڊيل اميدوارن جو ذاتي ووٽ بنئڪ آهي، جن مان ڪي ماضي ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، ۽ حڪمران پارٽي به انهن اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ پسند ڪندي آهي، جن جو ذاتي ووٽ بئنڪ هوندو آهي. اهي اميدوار ضلعن ۾ پوليس عملدار توڙي ٻيا آفيسر پنهنجي پسند تحت مقرر ڪرائيندا آهن، ۽ انهن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ گڏيل طور ڪاروبار پڻ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب آفيسرز ڪي خاطر خواه نتيجا ڏئي ناهن سگهندا ۽ اڻسڌي طرح پوليس ٿاڻا بااثر وڏيرن جي ماتحت بڻجي ويندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ گڊو ٿاڻي جي حد مان ڏينهن ڏٺي جو پنهنجي آفيس مان اغوا ٿيل راجيش ڪمار ڪيسواڻي، جنهن جي ڌاڙيلن ٻيو ڀيرو زخمي حالت واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، بابت معلوم ٿيو آهي ته سندس ڪجهه ايڪڙ سروي زمين جا آهن، جيڪا ڪشمور ضلعي جي اهم مقام ڊيرا موڙ تي واقع آهي، جتي ٽن صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جون سرحد ملن ٿيون. شهر جي آبادي وڌڻ ۽ ڪشمور شهر مان سرڪاري عمارتون جهڙوڪ جيل، ڊي ايس پي، ڊي سي ۽ مختيارڪار آفيس وغيره ڊيرا موڙ منتقل ٿيڻ سبب ڄاڻايل زمين ڪمرشل ايريا ۾ اچي وئي آهي، ان جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي جنهن تي سندس اغواڪارن جون نظرون آهن، جن مغوي راجيش ڪمار ڪيسواڻي جي زمين تي بيٺل ڪمند کي فصل کي سال ڏيڍ اڳ ۾ باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو هو.ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته هاڻ سندس وارثن کان سندس بازيابي لاءِ ڀنگ بدران اها گهر ڪئي پئي ته ڄاڻايل زمين اسان کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪئي وڃي. راجيش ڪمار جي سوشل ميڊيا تي زخمي حالت واري وائرل ٿيل ويڊيو ۾ اهو پڻ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي وارثن کي منٿ واري انداز ۾ ڌاڙيلن کي پئسا ڏيڻ بدران اهو چئي رهيو آهي ته سندن جيڪا به گهُر آهي اها تڪڙي پوري ڪري مون کي ان عذاب مان نجات ڏياري وڃي.
جيڪڏهن مٿين ڳالهه حقيقت تي ٻڌل آهي ته اهو سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ ايندڙ وقت ۾ نه رڳو سنڌي هندن پر ٻين پرامن ماڻهن لاءِ به رهڻ جوڳي نه رهندي. ان سلسلي ۾ اسان سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گذارش ٿا ڪريون ٿا ته سنڌ کي ان خطرناڪ رخ ڏانهن ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندڙن ماڻهن خلاف تڪڙي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن حڪومت ۽ ادارن جي ساک خراب ٿيڻ کان بچي پوي ۽ ان سان گڏ عوام جو اعتماد پڻ بحال ٿئي.