ڪراچي(رپورٽر )سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين جي سال 2018ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پاران پي اي سي اجلاس ۾ بلديات کاتي جي آفيسرن پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي جي 5 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. معطل ڪيل آفيسرن ۾ شهيد بينظير آباد ضلعي ڪائونسل جو چيف آفيسر، ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جو ميونسپل آفيسر، ٽائون ڪميٽي ڀريا، ٽائون ڪميٽي ڄام نواز علي، ٽائون ڪميٽي ڪنڍياري جا ٽائون آفيسر شامل آهن. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته پي اي سي اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي آفيسرن شرڪت نه ڪري غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي پر آفيسرن کي پي اي سيءَ ۾ عوام جي پئسن جو حساب ڏيڻو پوندو