قومي ڪارڪنن جي گرفتارين،ڪئنالن خلاف وڪيلن جا مظاهرا

نوشھروفيروز/مورو(نمائندا)وائيس آف نوشھروفيروز ۽ينگ لائرس ڊسٽرڪٽ بار  نوشھروفيروز طرفان مورو ۾ قومي ڪارڪنن تي  ٿيل تشدد، گرفتارين ۽ سنڌو ڌرياء تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، امتياز حسين ميمڻ، عرفان رضا ممنائي، انصار علي ڪلھوڙو، مشتاق  بڙدي، عبدالستار لھراڻي، نعيم کوسو، مختيار  تنيو،فاروق ڏنگراج ۽ ٻين چيو تـ حڪومت ھنن اھم اشوز تي ايڪشن نـ کنيو تـ اسان پوري ملڪ ۾ تحريڪ ھلائينداسين،هوڏانهن مورو بار پاران  ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي،اي ڪي عباسي اياز علي ڪورائي،تھمينا قادر ڪورائي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب  اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ھنن چيو ته  پ پ سنڌ جون زمينون نيلام ڪري رھي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.