حيدرآباد(رپورٽر) عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي 7 هين ورسي جي حوالي سان اڄ حيدرآباد ۾ تقريب ٿيندي. 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيرو، ايوبي آمريت جي مخالفت ڪرڻ کان وٺي ضياءَ جي دور ۾ ڊگهي قيد ڪاٽيندڙ ضمير جي قيدي ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي جي سلسلي ۾ اڄ ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ شام 4 وڳي تقريب ٿيندي. جنهن ۾ ملڪ جي مختلف شهرن مان کاٻي ڌر جا اڳواڻ، سياسي ڪارڪن، هاري، پورهيت، اديب، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪري ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي ڀيٽا پيش ڪندا، تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي، جنهن ۾ ناميارا راڳي سرن جي ورکا ڪندا. ياد رهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي جو ڏينهن 5 مارچ آهي، پر رمضان شريف جا ڏهاڙا هجڻ ڪري ورسي واري تقريب اڄ 27 فيبروري تي منعقد ڪئي پئي وڃي.