ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالغفور شورو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنجن سالن دوران دوائن جي قيمتن ۾ 15 ڀيرا واڌ ڪئي، صحت جي رپورٽ 2025 جي حوالي سان هن چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي رپورٽ موجب پاڪستان صحت جي حوالي سان دنيا ۾ 125هين نمبر تي آهي، پوليو پاڪستان ۾ وڏو مسئلو آهي جنهن جو سڄي دنيا ۾ خاتمو ٿي چڪو آهي، 2024ع ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 74 هو، 2023ع ۾ 6 ڪيس سامهون آيا، هن چيو ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا ساليانو ڏيڍ لک نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پاڪستان هيپاٽائيٽس سي جي ڪيسن ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي، پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري چيو ته بيمارين جي علاج بدران انهن کي روڪڻ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، صاف پاڻي فراهم ڪري 60 سيڪڙو بيمارين کان بچي سگهجي ٿو،