ڏوڪري: ڳوٺ جڙيل ڪلهوڙو ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول قائم، سهڪار جي اپيل

ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري تعلقي جي يوسي گاجيديرو ويجهو ڳوٺ جڙيل ڪلهوڙو ۾ تعليم کان محروم ٻارڙن لاءِ سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جو بنياد رکيو آهي، جتي هن وقت 100 کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
اسڪول ۾ پنج درجا پڙهائڻ لاءِ هڪ انگريزي استاد ۽ حافظ مقرر ڪيا ويا آهن، پر بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
رهواسين، سنڌ حڪومت، تعليم کاتي، ضلعي انتظاميا سميت ايس ايِ ايف ۽ يونيسيف جھڙن عالمي ادارن کان سهڪار جي اپيل ڪندي چيو ته اسڪول جي مسلسل هلڻ ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ سندن مدد ڪئي وڃي.
سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، پر جديد دور ۾ به سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا ٻار تعليم کان محروم آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول کي سرڪاري سرپرستي ۾ آڻي، عمارت، فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن لاڙڪاڻي جا معصوم ٻار تعليم جاري رکي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.