حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ڪامريڊ ڪلثوم جمال، ڪراچي ڪميٽي جي ميمبر حسين فاطمي، مورو باءِ پاس وٽ قوم پرست ڪارڪنن ۽ مقامي شهرين جي طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال ڪڍڻ جي خلاف ٿيل احتجاجي مظاهري تي پوليس طرفان فائرنگ، لاٺي چارج ۽ تشدد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ زبردست پرامن احتجاجي مظاهرن جي سلسلي کي روڪڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي سرڪار جي طرفان تشدد جو عنصر شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ واسين جي اجتماعي پرامن جدوجهد جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو جواز پيدا ڪيو وڃي. ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌ جون سموريون احتجاج ڪندڙ جماعتون حڪومت جي حرڪتن کي ناڪام بنائي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکنديون. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مورو باءِ پاس تي نوجوانن ۽ شهرين تي فائرنگ ۽ تشدد ڪندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، گرفتار ڪيل سڀني شهرين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ زخمي ٿيل شهرين جو مفت ۽ معياري علاج ڪرايو وڃي.