ملڪ رياض ۽ سندس پٽ سميت 10 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ڪلفٽن ۾ بحريا  ٽائون 17 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، عدالت بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ علي رياض،زين ملڪ سميت 10 جوابدارن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهھ سميت ٻين جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيس بابت اسٽي آرڊر حاصل ڪيل آهي،ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ملڪ رياض، احمد علي رياض، زين ملڪ، وقاص، وسيم، فيصل سرور قريشي، محمد اويس ۽ 10 ٻين جوابدارن عدالتي حڪمن جي پاسداري نه ڪئي آهي،عدالت ۾ جاچ آفيسر وقار انور چيو ته ملڪ رياض راولپنڊي ۾ داخل ڪيل ريفرنس ۾ روپوش  آهي،وڪيل شوڪت حيات چيو ته جوابدار نشاط، شعيب ۽ مصتفيض سميت 4 ضمانت جوابدار ضمانت ورتي آهي، درخواستگذار محمود اختر نقوي چيو ته مان هن ڪيس ۾ فريادي آهيان، مهرباني ڪري مون کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪريو،  جوابدارن جي وڪيل چيو ته هن جو نالو ريفرنس ۾ ناهي، کيس نيب چيئرمين سان رابطو ڪرڻ گهرجي، عدالت جوابدار کي ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.