حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سگا) پاران سنڌ جي مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي تعليمدان پروفيسر عبدالله ملاح ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جهڙا ڪردار قومن جو اثاثو هوندا آهن، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل تمام وڏو نقصان آهي. سنڌ دشمن ڊاڪٽر آڪاش جي قتل تي خوش ٿيا ھوندا، ڇو ته ڊاڪٽر آڪاش سدائين سنڌ جي ڳالھه ڪئي. ڊاڪٽر علم الدين انصاري چيو ته مونکي قاتل ئي فون ڪري ڊاڪٽر آڪاش جي وڇوڙي جو اطلاع ڏنو هو، اسان کي پڪ ھئي ته قاتل اهو اطلاع ڏيندڙ ئي آھي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري اسان جي دلين ۾ سدائين آڪاش زنده رھندو. رفيق احمد جعفري چيو ته ڊاڪٽر آڪاش سان زندگي جو وڏو عرصو گذريو آھي، هو ادبي سنگت بدين جو سيڪريٽري به رھيو، آڪاش انصاري جي شاعريءَ کي فنڪارن پنھنجو ڪيو، ھن جي سموري شاعري واقعياتي آھي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو وڏو سانحو آھي،آڪاش امر آھي،ھن جي نالي سان ڪو انسٽيٽيوٽ يا لائبريري قائم ٿيڻ گھرجي، ان موقعي نامياري راڳي انو سولنگي ۽ باري ابڙو شاھه لطيف جي وائي ۽ آڪاش انصاري جي شاعري ترنم سان ٻڌائي.