ڪراچي (رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي مرڪزي رابطا ڪميٽي جو اجلاس سيد صدرالدين شاھ راشدي جي صدارت ۾ سندس رھائش گاھ تي ٿيو، جنھن ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻن گڏيل مؤقف اختيار ڪندي چيو ته مرتضيٰ خان جتوئيءَ خلاف ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪرڻ پيپلزپارٽي جي بزدلي ۽ انتقامي سوچ کي ظاھر ڪري ٿي،مرتضي خان جتوئي ٽن ڪيسن م عدالت مان ضمانت ورتي آھي پر شخصي انا ۽ فسطائيت جي ذھنيت سبب ھڪ ٻئي ڪوڙي ڪيس ۾ مرتضي خان جتوئي کي ملوث ڪري عدالت جي فيصلن ۾ رڪاوٽ وجھي عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي ،جي ڊي اي پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ذميدار پوليس آفيسرن خلاف قانوني چاره جوئي ڪندي،اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد زين شاھ، مسرور جتوئي، سردار عبدالرحيم ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا،