ڪميونسٽ اڳواڻن امام علي نازش ۽ ڊاڪٽر اعزاز نذير جي اڄ ورسي

ڪراچي (پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امام علي نازش ۽ مرڪزي ڪميٽي جي  اڳوڻي ميمبر ڊاڪٽر اعزاز نذير جي ورسي اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهائي ويندي. تقريب کي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ٻيا خطاب ڪندا. ان موقعي تي ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڪئنالن جي منصوبن، ڪراچي ۾ ڊمپر مافيا خلاف ٺهراءَ پاس ڪيا ويندا. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ڪلثوم جمال، ڪراچي ڪميٽي جي ميمبر حسين فاطمي شهرين کي تقريب ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.