اسلام آباد(م ڊ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ ڪابينا ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن بابت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته وفاقي ڪابينا جو هڪ به ميمبر سرڪاري پگهار ۽ مراعتون نه ٿو وٺي. هن وڌيڪ چيو ته سمورا وفاقي وزير يوٽيلٽي بلز پنهنجي کيسي مان ادا ڪري رهيا آهن. قيصر شيخ اهو به چيو ته هو سرڪاري گاڏين جو پيٽرول ۽ هوائي سفر جو خرچ برداشت ڪري رهيو آهي.