دولتپور(ن ع آ) دولتپور ۾ قومي عوامي تحريڪ يوم لطيف جي عنوان سان جلسي عام ڪيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. دولتپور پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۽ شاھ لطيف امن ۽ انصاف جو پيغام ڏنو آھي پر اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي. شاھ لطيف جي ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي جي مزاحمت ڪنداسين. سڄي سنڌ سڪي ٺوٺ ٿي رھي آھي، ڪوبه پڇڻ وارو ناھي،هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا دروازا بند آھن، شاھ لطيف عورتن جي چپن، وارن، قد بدران بھادري ۽ سچائي جي تعريف ڪئي آھي. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي ماڻھن جي شڪايت نه پيا ٻڌن،هن چيو ته جيڪا حڪومت عوام کان 2 وقت جي ماني کسي وٺي اھا گورننس ڇا ڏيندي. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. سنڌ ۽ ملڪ مان سمورا غير قانوني پرڏيھي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن،هن چيو ته 6 ڪئنال ڪڍي شاھ لطيف جي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي گم آھن؟ ايڊووڪيٽ محبوب جوکئي چيو ته اسان کي فخر آھي ته سين روادار لطيف جي ڌرتي جا وارث آھيون. سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي،جلسي کي آفتاب جوکيو، ابراھيم بگٽي، مرتضي جوکيو، مير منگي، رسول بخش لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.