اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪيو، سندس دوري جو مقصد عدالتي خدمتن جي بهتري ۽ انصاف تائين برابري جي رسائي کي يقيني بڻائڻ هو، جسٽس يحيٰ آفريدي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد عتيق شاهه سان گڏ هو، ان کان علاوه سينيئر جج پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس اعجاز انور، ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جا آفيسر پڻ موجود هئا،جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي ۽ سيشن ججن سان گڏ هڪ انٽر ايڪٽو سيڪشن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي 15 ڏورانهن ضلعن جي ججن آن لائين سيشن ۾ شرڪت ڪئي، بيان موجب چيف جسٽس ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏورانهن ۽ پسمانده علائقا سندس ترجيح آهن،چيف جسٽس آف پاڪستان ججن کي هدايت ڪئي ته عدالتي ڪارڪردگي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وڃي، جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ججن کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلا حل ڪيا ويندا، چيف جسٽس ڏورانهن ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ججن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو اشارو ڏنو.