سنڌ ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ هاءِ ويز تي پيٽرولنگ پوليس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران شهرن وچ ۾ اهم شاهراهن تي ”پٽرولنگ پوليس“ متعارف ڪرائڻ جو فيصلوڪيو آهي، شهرن  ۾ ڏوهن جي نشاندهي لاءِ جديد ڪيمرائون لڳائڻ سميت ٻين قدمن تي تسلسل کي برقرار رکندي شاهراهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گشت ڪندڙ پوليس کي مقرر ڪيو ويندو، ان حوالي سان آءِ جي سنڌ چيو آهي ته گشت جو مقصد ڏوهن جي خلاف پوليس جي جوابي ڪاررواين کي بهتر بڻائڻ آهي،اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ايس ٽي اينڊ ٽي، ايڊمن ڪراچي، ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن، ٽريفڪ حيدرآباد، سي آءِ اي، هيڊڪوارٽرز، اسٽيبلشمينٽ، پوليس ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

  1. هيل افغانستان کنڊ اسمگل ٿيڻ بدران برآمد ٿي آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو افغانستان ڏانهن کنڊ جي اسمگلنگ نه ٿي پر برآمد ڪئي آهي، هر ڊالر قيمتي آهي.  بئنڪنگ شعبي حڪومت کي 30 ارب رپيا گڏ ڪري ڇڏيا،  ٽيڪس ادا ڪرڻ ۾ هن شعبي تيل ۽ گئس جي شعبي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويندو. هن چيو ته حڪومت پرائيويٽ سيڪٽر جي هر ممڪن حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، اسان کي اڀرندڙ منڊين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون. مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي ڌيان، سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، برآمداتي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ زرعي شين جي برآمد کي اسان جو هدف هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.