مرتضيٰ جتوئي جي ٽنهي ڪيسن ۾ ضمانت منظور

نوشھروفيروز/خيرپور (عتيق الرحمان وسطڙو+مختيار ڦلپوٽو)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي ٽنهي ڪيسن ۾ عدالت ضمانت منظور ڪري ڇڏي  هنگورجا جي ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ خيرپور ۾  ٿي  جتي سيشن جج جي عدالت هڪ لک مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، ان موقعي تي سندس وڪيل لياقت علي جتوئي چيو ته حڪومتي ڌر پوليس کي استعمال ڪري مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي جتوئي خاندان نهايت ئي شريف خاندان آهي انهن خلاف بي بنياد ڪيس ٺاهڻ شرم جهڙي ڳاله آهي،جڏهن ته ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي لاڙڪاڻي ۾ ٿي لاڙڪاڻو جي سيشن عدالت پنجاه پنجاه هزار ۾ ضمانت منظور ڪئي،وڪيل عبدالله ڪورائي چيو ته انشاءَ الله تعالي جلد غلام مرتضي خان جتوئي آزاد ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.