سکر مان هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر،مرتضيٰ جتوئي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود آزاد نه ٿي سگهيو

حيدرآباد (رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي کي سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن صحت مند قرار ڏيندي کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪري نارا جيل منتقل ڪيو ويو آھي مرتضي جتوئي کي جيل منتقلي دوران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.جڏھن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب مرتضي جتوئي جي گھرواري نوين جتوئي مرتضيٰ  جتوئي جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ تي رليز آرڊر کڻي نارا جيل حيدرآباد پھتي، انهي دوران سکر ۾ داخل ٿيل هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ڪيو ويو، جنھن کانپوءِ مرتضي جتوئي جيل مان آزاد ڪونه ٿي سگهيو. ٻئي طرف غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور جتوئي چيو آهي ته جي ڊي اي جو اڄ اجلاس آهي جنهن ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي غور ڪيو ويندو. نارا جيل ٻاهران ڳالهائيندي هن چيو ته جيل پهتاسين ته مرتضيٰ جتوئي جي هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. هن چيو ته اسان کي خدشو هو پر ڪيس جي خبر نه هئي پر پوء هتي ٻڌايو ويو. مسرور جتوئي چيو ته قانوني ٽيم ان ڪيس لاءِ به قانوني رستو اختيار ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.