ڊپٽي رجسٽرار ڪيس:وفاق پاران اپيل داخل

اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جسٽس منصور علي شاهه ۽  جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جو 27 جنوري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ ڊپٽي رجسٽرار توهين عدالت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت پاران داخل ڪرايل انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2 رڪني بينچ توهين عدالت جي ٻڌڻي ۾ حدون اورانگهيون، ڊپٽي رجسٽرار کي شوڪاز نوٽيس ڪرڻ بعد عدالت ختم ڪري ٿي وئي هئي،موقف اختيار ڪيو ويو ته 2 رڪني بينچ کي اهڙو حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.