پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ حوالي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جنيد غفار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025  خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، عدالت چيو ته آئيني بينچ 11 مارچ تي پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف سڀني درخواستن جي ٻڌڻي ڪري آهي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ وفاقي حڪومت درخواستن جا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهري ورتو آهي،  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي هڪ آئيني عدالت جو ڪيس آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هي ڪيس آئيني ناهي، پر عدالت کان هڪ ڊڪلريشن طلب ڪئي وئي آهي ، وقتي چيف جسٽس محمد جنيد غفار چيو ته جيڪڏهن هي ڪيس بنيادي انساني حقن جي آرٽيڪل 19 اي تحت نه هجي ها ته اڄ ئي خارج ٿي وڃي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.