حب ۾هٿياربندن پاران سوناري جي دڪان تي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

حب (يار محمد بروهي ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي حب جي رند بازار ۾ زيورن جي دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، رپورٽ موجب حب جي ايس ايس پي ​​سيد فضل بخاري ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ دڪان مالڪ خدا بخش، سندس پٽ شاهه رخ ۽ دڪان جو ملازم منظور شامل آهن، هن چيو ته فوتين جا لاش حب سول اسپتال منتقل ڪيا ويا ، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو آهي يا ڦر جو واقعو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.