ملڪ جون معاشي حالتون صحيح ناهن، ڪيئن اڳتي وڌنداسين؟ شبر زيدي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته پاڪستان جو قرضن تي وياج 9775 ارب رپيا  آهي، ايندڙ سال اهو وياج 10 هزار ارب رپين کان به وڌي ويندو،شبر زيدي جو چوڻ آهي ته وفاقي ٽيڪس جو هدف 13000 ارب رپيا آهي، 12500 ارب گڏ ڪيا ويندا، نان ٽيڪس روينيو 4800 ارب رپيا آهي، جيڪو حد کان زيادتي ۽ بي ايماني آهي،اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر چيو ته اهو سيلز ٽيڪس هو جيڪو صوبن ڏانهن وڃڻ گهرجي ها، پيٽروليم ليوي لڳائي وسيلا رکيا ويا، سمورو تڪرار 7 هزار ارب رپين جو آهي،سندس چوڻ آهي ته 10 ارب رپيا به زرعي انڪم ٽيڪس مان حاصل نه ٿيندا، هن وقت 3 ارب رپيا زرعي ٽيڪس مان ملي رهيا آهن، رڳو ممبئي شهر جو پراپرٽي ٽيڪس سنڌ ۽ پنجاب کان وڌيڪ آهي،هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومتون روينيو وڌائڻ لاءِ تيار ناهن، اسٽيٽ بئنڪ جو منافعو ۽ پيٽروليم ليوي جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو، شبر زيدي جو اهو به چوڻ آهي ته صوبن کي اضافي حصو ملڻ بدران وڌيڪ سندن حصي مان ڪٽوتي ٿيڻ واري آهي، باقي سڀ شيون آءِ ايم ايف کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.