جڊيشل ڪميشن ۾ اختلاف،پاڪستان بار جو نمائندو اختر حسين رڪنيت تان مستعفي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ/ م ڊ) ججن جي مقرري بابت جڊيشل ڪميشن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ايڊووڪيٽ اختر حسين جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سينئر وڪيل ايڊووڪيٽ اختر حسين پنهنجي خط ۾ لکيو ته پاڪستان بار ڪائونسل مون کي آئين پاڪستان 1973 جي آرٽيڪل 175(اي) (2) (5) جي تحت 3 ڀيرا جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر نامزد ڪيو، مان پنهنجون ذميواريون پنهنجي بهترين صلاحيتن موجب انجام ڏيندو رهيو آهيان. هن وڌيڪ لکيو ته عدليه جي ترقي، خودمختاري جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندس، چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. اختر حسين صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته هو ججن جي سينارٽي ۽ بدلين تي پاڪستان بار جي موقف سان متفق ناهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ هن استعيفيٰ ڏيڻ مناسب سمجهيو. اختر حسين لکيو ته تازو عدالتي مقررين بابت تڪرار سبب جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان،  جنهن کي جاري نه ٿو رکي سگهان. هن چيو ته هو پنهنجي استعيفيٰ جي ڪاپي پاڪستان بار ڪائونسل کي موڪلي رهيو آهي ته جيئن آئين موجب سندس جاءِ تي نئون ميمبر نامزد ڪري سگهجي. هن مهيني جڏهن جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو ته جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر کانسواءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ بئريسٽر علي ظفر به اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو،اختر حسين لکيو ته تازي عدالتي مقررين بابت تڪرارن جي آڌار تي مان وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.