حيدرآباد ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻن چيو آھي تھ سنڌو درياءَ تي حق سنڌين جو آھي، سنڌو درياءَ تي ڪينال ٺاھيا ويا تھ ملڪ ٽٽي سگھي ٿو، اسان سڀني کي ملڪ کي بچائڻو آھي، پيپلز پارٽي جي قيادت درياءَ تي ڌاڙي واري واردات ۾ ملوث آھي، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل آهي ۽ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڳوڙها وهائي رهي آهي. اھڙن خيالن جو اظھار تحريڪ انصاف طرفان سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين سان سنڌ جي اشوز تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تحريڪ انصاف سنڌ جي ميزباني هيٺ ڪرائون هوٽل ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻو گورنر پنجاب لطيف کوسا، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراھ صاحبزاده حامد رضا، مينگل گروپ جو ساجد ترين، پي ٽي آئي سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ، امين الله موسا خيل، فيصل مغل، پير مرتضيٰ شاهه جيلاني، ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، لال مالهي، ڀڳوان داس ڀيل، نازش فاطمه، آفتاب قريشي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. جڏهن ته شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين جي اين مغل، دستگير ڀٽي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاھ، سينيئر صحافي نعمت کهڙو، وهاب منشي، بدر چنا، وقار احمد وقار، حبيب جتوئي، عشرت خان، پروفيسر فهيم نوناري، الھبخش ڪنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي ساڃاهه وند طبقي پاران اپوزيشن قيادت آڏو سنڌ جي پاڻي جي اشو سميت اهم معاملن تي سنڌ جو ڪيس رکيو ويو. ان موقعي تي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيٺا آھيون، سنڌ جو درياهه چورائڻ نھ ڏينداسين. ھن چيو تھ اسان جو مقصد پاڪستان جي هر شهري کي آئيني حق ڏيارڻ آهي، پاڪستان هڪ وفاق آهي، اهو ون يونٽ ناهي، اڄ سياست ۾ عوام کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ سندن آواز کي دٻايو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان چاهي ها ته ڊيل ڪري لنڊن هليو وڃي ها جيئن اڳ ماڻهو ڊيل ڪري هليا ويا ۽ پوءِ واپس اچي ملڪ کي تباهه ڪيو. هن چيو ته پيڪا جو قانون ٺاهيو ويو آهي، اهو بنيادي حق کسڻ جي مترادف آهي، ان ذريعي ڳالهائڻ تي پابندي هوندي، هن چيو ته 26 کان 27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ محمود اچڪزئي جي ميزباني ۾ ڪنوينشن ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. نامياري دانشور جي اين مغل چيو تھ سنڌ کي درياءَ ۽ سمنڊ کان ڌار ڪرڻ جي سازش آھي، ھن چيو تھ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري درياءَ تان سنڌ جي مالڪي ختم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آھي، ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي ھن قدم جي آجيان ڪريون ٿا، سنڌ جو آواز ٻڌڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي آھي، پر پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي آھي تھ ان وٽ سنڌ جي ڳالھ ٻڌڻ جو وقت نھ ھوندي آھي.17