حيدرآباد: يوم مادر وطن جو جلسو ڪيترن ئي بيروزگارن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي ويو، بيروزگار نوجوانن طرفان کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال قائم ڪيا ويا، جتان ماڻهو خريد ڪري رهيا هئا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي گذريل ڏينهن حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي ٿيل 33هون يوم مادر وطن جو جلسو ڪيترن کي بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي ويو، بيروزگار نوجوانن طرفان جلسي گاهه جي ٻاهران کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال قائم ڪيا ويا هئا، جتان جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جو وڏو انگ کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪندي نظر آيو.
-
جلسي گاهه کي چئوطرف بند ڪيو ويو، ڪرسيون ۽ غاليچا وڇايا ويا
حيدرآباد: ايس ٽي پي جي 33هين يوم مادر وطن واري جلسي گاهه کي چئوطرف بند ڪيو ويو هو، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسيون هڻڻ سان گڏ زمين تي قالين وڇايا ويا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 33هين يوم مادر وطن جي موقعي تي ٿيل جلسي واري جلسي گاهه کي چئوطرف قناتون هڻي بند ڪيو ويو هو، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪرسين سان گڏ زمين تي قالين وڇايا ويا هئا، جن تي ماڻهو ويٺل هئا. جلسي گاهه جي چئني پاسن تي ايس ٽي پي جا جهنڊا هنيا ويا هئا.
-
بجلي 6 کان 8 رپيا سستي ڪرڻ جو امڪان
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ايندڙ 2 مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڪم ڪري رهي آهي. پاور ڊويزن جي عملدارن موجب وفاقي حڪومت ايندڙ 2 مهينن ۾ بجلي 6 کان 8 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ۽ ان حوالي سان بئنڪن کان 1300 ارب رپين جو قرض وٺڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن. آفيسرن چيو ته اهو قرض هڪ مقرر شرح ۽ وقت لاءِ ورتو ويندو، قرض مان ڦرندڙ قرض کي ختم ڪيو ويندو. آفيسرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي پاور پلانٽس سان ٽاسڪ فورس جون ڳالهيون جاري آهن، ان ڪوشش سان هو 2 مهينن تائين بجلي جي قيمت ۾ 6 کان 8 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪرڻ چاهين ٿا. اختيارين موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2300 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن کي جلد کان جلد صفر ڪيو وڃي.