حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي توهان جي هٿن مان نڪري پيو. سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو. توهان جي ڦرلٽ ۽ قبضاگيري جي ڪري جيڪڏهن ملڪ ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هٽڙي باءِ پاس تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران منعقد ڪيل 33 هين يوم مادر وطن جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جلسي ۾ عورتن به شريڪ هيون. جلسي کان اڳ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف شهباز بلڊنگ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي هٽڙي باءِ پاس تي پهتي. ريلي جي اڳواڻي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪري رهيو هو. هن ايس ٽي پي جي 33 هين يوم مادر وطن جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان هن ڏينهن کي احتجاجي ڏينهن ڪري سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته جنهن نظام جي لاءِ سنڌ جا ماڻهو خواب ڏسن پيا ته بک, بدحالي, منشيات ۽ ڦرلٽ کان آجو سماج جڙي. هن چيو ته هتي پارٽيون ورهايل آهن ڪي پنڊي جا پگهاردار، نسل پرستن جا ساٿاري ۽ ڪي وري ڀوتارن جا پگهاردار آهن. پر اسان سمجهون ٿا ته رياستي جبر جو ڏاڍ ۽ نسل پرستي جو خوف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن کي پوئتي هٽائي نٿو سگهي. اسان پرائي ايجنڊا جو حصو ناهيون, اسان پنهنجي ايجنڊا تي سياست ڪريون پيا. اها ايجنڊا اها آهي ته سنڌ اسان جو مادر وطن آهي. ان تي سنڌ جي ماڻهن جي حاڪميت هجڻ گهرجي. ڀلي ماڻهو الزام هڻندا رهن ته قادر مگسي اڪيلو آهي, اتحادن جي سياست نٿو ڪري. ايس ٽي پي جو اڪيلو قافلو لکين ڪروڙين ماڻهن جو قافلو آهي. جن ماڻهن سنڌ کي انگريزن جي غلامي مان نجات جي لاءِ جدوجهد ڪئي اهي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قيدي بڻيا. پر جن انگريزن جي ايجنڊا تي ٽپا پئي ڏنا ۽ پاڪستان وجود ۾ آڻڻ ۾ اڳيان هئا انهن سنڌ جي ماڻهن جي احساسن کي نه ڏٺو. ان کانپوءِ سنڌ کي چئو کنبو ڦاسايو ويو. هن چيو ته مسلم ليگيون ۽ پيپلزپارٽي جهڙيون حڪمران جماعتون سنڌ کان جياپو کسڻ پيون چاهين. هن چيو ته سنڌو درياهه پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ وجود ۾ ناهي آيو. سنڌ پاڪستان جا بيروڪريٽ ڪوڙا آهي. هو غلط انگ اکر پيا ڏسين.. سنڌ ڪو فلسطين ناهي. سنڌ توهان سان مهاڏو اٽڪائيندي. هن چيو ته توهان پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ جي لاءِ کي بنجر ڪرڻ گهرن ٿا. توهان سنڌو درياهه کي پنجاب درياهه بنائڻ چاهيو ٿا. سنڌو درياهه پنجاب نه پر سرائيڪي وسيب مان گذري ٿو. سرائيڪي بليٽ اسان جو حصو رهيو آهي. اسان پاڪستان ٽوڙڻ جو نعرو هڻڻ وارا ناهيون. پر توهان جي قبضاگيري جي ڪوشش ڦرلٽ جي ڪري جيڪڏهن ملڪ هٿن مان وڃي ٿو ته اسان پنهنجو ڪلهو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هونداسين. اسان جي وطن تي ڪارپوريٽ فارمنگ قبول ناهي. اسان درياهه به نه ڏينداسين ته زمين جو هڪ ايڪڙ به نه ڏينداسين. هن چيو ته رمضان جو مهينو اچي پيو. رمضان کانپوءِ اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ميدانن تي سنڌ جي بقاء جي جدوجهد ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 33هين يوم مادر وطن جي جلسي کي نامياري قانوندان شهاب اوستو خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو اتساھ ڏسي محسوس ٿيو آهي ته سنڌ سلامت آهي ۽ رهندي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ هڪ رياست هئي، جنهن ۾ اسين هڪ آئيني سمجهوتي تحت شامل ٿياسين، اسان کي احساس ڏياريو ويو ته سنڌ جي تاريخي حيثيت، وسيلا، زمينون ۽ پاڻي سلامت رھندو، 77 ورهين جي تاريخ ۾ پاڪستان 3 آئين ڏٺا آهن، پر اسان کي آئيني حق نه مليا آهن. هن چيو ته سنڌو اسان جو ساھ آهي، اهو اسان کان کسي ويا ته اسان جو وجود ختم ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، جنهن لاءِ سنڌ جي ماڻهن کان صحيحون وٺڻ لاءِ دستخطي مهم شروع ڪئي ويندي. ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته سنڌي قوم کي ديوار سان نه لڳايو وڃي، اڳ ۾ ئي بلوچستان ۽ ڪي پي هٿن مان نڪري چڪا آهن. هن چيو ته اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي، اسان جنگ به وڙهي پنهنجي زمين، ٻيلن، ٻيٽن ۽ درياءَ کي بچائينداسين. ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين گلزار سومرو چيو ته اسان کان آئين ۾ مليل حق کسيا پيا وڃن، 73ع جي آئين کي قبولڻ باوجود اسان کي ديوار سان ڇو لڳايو پيو وڃي.آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي چيو ته اڄوڪو يوم مادر وطن تاريخ جي ان موڙ تي ملهايون پيا، جنهن موڙ تي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ جي وجود تي حملو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي يوم مادر وطن جلسي کي سول سوسائٽي جي اڳواڻ پروفيسر مشتياق ميراڻي، سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد سنڌي، صحافي اظهار سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.