حيدرآباد: يوم مادر وطن جي جلسي جي مک اسٽيج تي ايس ٽي پي جي قيادت سميت سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻ ويٺل هئا، جن ۾ عورتون به شامل هيون. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 33هين يوم مادر وطن جي ٿيل جلسي جي مک اسٽيج تي ايس ٽي پي جي قيادت سميت سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن سميت سول سوسائٽي توڙي زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ويٺل هئا، جن ۾ عورتون به شامل هيون. جلسي جي مک اسٽيج تي هڪ وڏي اسڪرين لڳائي وئي هئي، جنهن تي اسٽيج سان گڏ جلسي گاهه ۾ ويٺل ماڻهو ڪئميرا ذريعي ڏيکاريا پئي ويا، اسٽيج تي پارٽي جا جهنڊا پڻ هنيا ويا هئا. يوم مادر وطن جي جلسي گاهه واري مک اسٽيج جي سامهون هڪ وڏو پئنافليڪس هنيو ويو هو، جنهن تي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي جا مطالبا لکيل هئا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 33هين يوم مادر وطن جي جلسي گاهه جي مک اسٽيج تي هڪ وڏو پئنافليڪس هنيو ويو هو، جنهن تي سنڌو درياءَ تي نوان 6 ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ سنڌو درياءَ ۾ معاهدي موجب ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏڻ سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن قبضو بند ڪرڻ سنڌ جون زمينون بي زمين هارين ۾ ورهائڻ سميت ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ۽ غير آئيني ترميمون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.