جلسي ۾ مختلف شهرن مان عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

حيدرآباد: يوم مادر وطن جي جلسي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان قافلن جي صورت ۾ آيل عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگشرڪت ڪئي. هٽڙي باءِ پاس تي ايس ٽي پي جي ٿيل 33هين يوم مادر وطن جي جلسي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان قافلن جي صورت ۾ آيل عورتن ۽ ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن جي سهولت لاءِ جلسي گاهه ڀرسان واش روم قائم ڪيا ويا هئا.

  1. جلسي ۾ ” زندگي ۽ موت“ ڊرامو پيش ڪيو ويو

حيدرآباد: ايس ٽي پي جي 33هين يوم مادر وطن جي موقعي تي ايس ٽي پي ڪلچرل ونگ طرفان "زندگي ۽ موت” جي موضوع  تي ڊرامو پيش ڪيو ويو، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف پيش ڪيل ڊرامي جو ڊائريڪٽر ياسين چن هو، جڏهن ته صوفي ستار سميت ٻين اداڪارن ڊرامي ۾ حصو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.